SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Action- Reaction

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ækʃən
  • riækʃən
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Action- Reaction

ايڪشن- رِي ايڪشن

عمل ۽ رد عمل

”عمل ۽ رد عمل“ واري تصور جو تعلق، انهن ٻن ڌرين يا ملڪن سان هوندو آهي، جيڪي ڪن به سببن جي ڪري هڪ ٻئي سان حسد ۽ مقابلو ڪن ٿا. ان حوالي سان ڪنهن به هڪ پاسي يا ڌُر جي طرف کان ڪو عمل سامهون ايندو ته ٻئي پاسي يا ٻيءَ ڌر کان ِِضرور ان جو رد عمل ايندو. جڳ مشهور ڪتاب ”هٿيار ۽ عدم سلامتي“ (Arms and Insecurity) جي ليکڪ ’ليوِس فراءِ رچرڊسَن‘ (Lewis Fry Richardson) مطابق اها هڪ اهڙي حالت هوندي آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن ملڪ ”الف “ پنهنجي حفاظت خاطر فوجي بجيٽ وڌائي ٿو، ته ان جي جواب ۾ ملڪ ”ب“ به پنهنجي فوجي بجيٽ وڌائي ڇڏي ٿو. ”عمل ۽ رد عمل“ واري اصطلاح جوهڪ وڏو مثال پاڪستان- ڀارت تعلقات جو آهي. جڏهن به ٻنهي ملڪن منجهان ڪو هڪ فوجي بجيٽ وڌائيندو يا ائٽمي تجربا ڪندو ته ٻيو ملڪ به جواب ۾ ضرور ائين ئي ڪندو آهي. عمل ۽ رد عمل ذريعي هٿيارن جي ڊوڙ سميت بين الاقوامي تڪرارن کي هٿي ملي ٿي


Remember Me Also:

ڪپ

ذ. سن. ڪَلپن = ڪَپَڻُ. چاقُون ، قلمتراش. ننڍي ڪاتي. نديءَ يا واهه جو ڪنارو ، ڪنڌي ، ڀَر ، ڪَپَرَ ڪپڙي جي اندي. ڪَسُ ، ڪنٺو ، ڪِناري. عورت جي ڪَرائي جو هڪ ڳَههُ ”ڪَپ، واڍولا ڪَتريا، هُئا بازو بند بار“ موسو لاشاري. بِهَن کي ٽڪرن ڪرڻ جو هڪ نمونو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal